تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سنڌ ۾ ڪورونا جي مقامي منتقلي جاري، گمس اسپتال ۾ هالاڻي ڪورونا متاثر دم ڏئي ڇڏيو، سيوهڻ اسپتال ۾ ڪورونا متاثر عورت فوت

ٿرپارڪر جي علائقي ڏاهلي ۾ 14 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

ٻانڌي ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ملازمن سوڌو 7 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا جي مقامي منتقلين جا ڪيس سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ هالاڻي جو رهواسي ڪورونا متاثر دم ڏئي ڇڏيو، سيوهڻ اسپتال ۾ داخل 40 ورهين جي ڪورونا متاثر عورت فوت، 5 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، دادو ۾ ٽن گهر ڀاتين سميت 96 ڄڻا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا، پير جو ڳوٺ ۾ 8 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويون، ڄامشورو ۾ 22 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ميرپورخاص ۾ 63 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ٿرپارڪر جي علائقي ڏاهلي ۾ 14 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، ٻانڌي ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ملازمن سميت وڌيڪ 7 ڄڻا ڪورونا ۾ وٺجي ويا، قاضي احمد ۾ 19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، سنجهورو ۾ 9 پوليس اهلڪارن ۽ صحت کاتي جي ٽن ملازمن سميت 16 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ٺري ميرواهه ۾ پنج ڪيس ظاهر، مدئجي ۾ وڌيڪ هڪ چنو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

Bookmark the permalink.