تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

سنڌ ۾ پوليو تي ضابطو نه آيو: ڏوڪري جي معصوم ٻارڙي کي پوليو جي تصديق

ڏوڪري(ن پ ا) ڏوڪري جي ڪچي ۾ 11 مهينن جي معصوم ٻار کي پوليو جي تصديق، ڳوٺ سونهارو گاڏهي ۾ 11مهينن جي معصوم ٻارڙي حسنين علي پٽ منور علي گاڏهي کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏوڪري اسپتال آندو ويو هو، جتان پوليو جي شڪ بعد کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتان ڊاڪٽرن سيمپل وٺي اسلام آباد ڊبليو ايڇ او اختيارين ڏانهن اماڻيا. جن ٻارڙي کي پوليو هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڏوڪري تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو ٻڌايو ته 10 نومبر تي معصوم ٻارڙي کي ڏوڪري اسپتال آندو ويو، ٻارڙي جي کاٻي ڄنگھه ڦريل ڏسي پوليو جو شڪ ٿيو هو، هاڻي ڊبليو ايڇ او به ان جي تصديق ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.