تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سنڌ ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول سومر کان کولڻ جو اعلان: تعليمي ادارا شفٽن ۾ هلائڻ جي اجازت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ نرسري کان اٺين درجي تائين بند پيل پرائمري ۽ مڊل اسڪول سومر 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان، ڪالهه سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پري پرائمري، پرائمري ۽ مڊل اسڪول 28 سيپٽمبر کان کولي رهي آهي، تعليمي ادارن لاءِ ايس او پيز ۾ سختي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نجي اسڪولز جي تنظيمن سان اڄ ملاقات ڪري ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو، سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ ٽيمن ذريعي ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته شاگردن جي سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ تعليمي ادارن کي اختيار ڏنو آهي ته ڀلي شفٽن ۾ ڪلاس هلايا وڃن، اسان اسڪول کولڻ يا ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪوبه زور نه ڀري رهيا آهيون، والدين سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي سگهجي ته اُهي ڀلي پنهنجن ٻارن کي نه موڪلين، تعليمي ادارن جي ٽرانسپورٽ لاءِ به ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن،

Bookmark the permalink.