تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ تي ڳڻتي: متاثر علائقن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي گهر، آبادگارن کي تباهه ڪري ڇڏيو اٿئون: فهميده مرزا

فنڊز۾گهوٻيون، واهن۽شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري بدين،جوهي ۽ ميرپور خاص۾پاڻي کوٽ آهي

آبپاشي کاتي ۽ سيدا جا ڪامورا پاڻي وڪرو ڪن پيا، آبادگارن تي رحم ڪيو وڃي: وفاقي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميده مرزا بدين، جوھي، ميرپورخاص سميت سنڌ جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر فهميده مرزا پاڻي چوري ۽ کوٽ جو ذميوار سيڊا ۽ آبپاشي کاتي کي قرار ڏيندي پڇڙي جي آبادگارن کي حصي جو پاڻي ڏيڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
وفاقي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ھڪ طرف ملڪ اندر پاڻي کوٽ، ٽيلي ميٽري نظام جي اڻھوند سبب چوري ۽ لائين لاسز زرعي شعبي کي سخت متاثر ڪيو آھي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ سيڊا ۽ آبپاشي انتظاميه جي ملي ڀڳت آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي
ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بئراجن، ڪئنالن توڙي شاخن جي سالن کان کاٽي نه ڪرائڻ توڙي کاٽي جي فنڊن ۾ ڪرپشن سبب پاڻي فراھمي وارو نظام مفلوج بڻجي ويو آھي.
هن چيو ته بدين، جوھي توڙي ميرپور خاص جي پڇڙي جا آبادگار مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا آھن، خريف جو پاڻي سکر ۽ گُڊو بئراجن تي ورهائڻ بجاءِ سموري کوٽ ڪوٽڙي بئراج تي ڪئي وئي آھي.

Bookmark the permalink.