تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سنڌ ۾ ٽائون ڪاميٽين ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز کي بجيٽ تياري جي هدايت، نين اسڪيمن تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين پاران ٽائون ڪاميٽين ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز کي بجيٽ تياري جي هدايت ڪري ڇڏي، نوان ترقياتي منصوبا شامل نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان حوالي سان مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين پاران ٽائون ڪاميٽين ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز ڏانهن خط لکي هدايت ڪئي آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ تيار ڪئي وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته نئين مالي سال ۾ نوان ترقياتي منصوبا شامل نه ڪيا وڃن، هلندڙ ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪيو وڃي، اماڻيل خط موجب ڪورونا ايمرجنسي سبب نون ترقياتي منصوبن بدران بجيٽ ۾ رڳو پگھارن ۽ پينشن تي ڌيان ڏنو وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ايمرجنسي بنيادن تي ڪنهن نئين منصوبي کي شروع ڪرڻ کان اڳ سنڌ حڪومت کان اجازت ورتي وڃي. جڏهن ته صوبائي حڪومت به ترقياتي رٿائن ۾ نوان منصوبا شامل ناهن ڪيا ويا.

Bookmark the permalink.