تازا ترين
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

سنڌ ۾ ٻيلا گهٽجڻ بعد ماکي ملڻ مشڪل: پت ۽ ڪيميڪل جي ملاوٽ

سنڌ ۾ ماکيءَ جا ٻه قسم ٿين ٿا، سنڌي ماکي ۾ميٺاڄ ۽ پنجاب جي ماکي جو ذائقو الڳ ٿئي ٿو

گلن جي موسم ۾ مکا رس چوسي ماناري ۾ گڏ ڪندا آهن، دونهون ڏئي مکن کي اٿاري ماکي لاٿي وڃي ٿي

گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) هونءَ ته سنڌ معدني وسيلن سميت ٻين قدرتي نعمتن سان مالا مال آهي پر سنڌ جي قدرتي سوغات ماکي به انهن مان هڪ آهي. سنڌ ۾ ماکي جا ٻه قسم ٿين ٿا هڪ سنڌي ماکي ۽ ٻيو پبجابي ماکي ٿئي ٻنهي ماکين جي ميٺاج ۾ فرق ٿئي ٿو. پنجابيماکي جي ڀيٽ ۾ سنڌي ماکي وڌيڪ ذائقيدار ۽ وڌيڪ مٺي ٿئي ٿي جنهن کي عام ماڻهون شوق سان کائين ٿا. پنجاب جي ماکي جو مکو سنڌي ماکي جي مکي کان وڏو ٿئي ٿو ۽ ماکي جو مانارو به وڏو ٺاهيندو آهي. پنجابي ماکي جو مانارو وڻ ۾ ايئن نظر ايندو ڄڻ ڪو ڇيلهو ٽنگيل هجي. پنجاب جي ماکي ۾ سنڌي ماکي کان رس به وڌڪ ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته مانارو به وڏو ٿئي ٿو. پر ماڻهون سنڌي ماکي کي کائڻ پسند ڪندا آهن.سنڌي ماکي ماڻهو کي جسم تي چڪ هڻي ته جسم تي سوجن ٿيندي آهي پر ڪو خاص نقصان ناهي ٿيندو. پر پنجاب جي ماکي اگر حملو ڪري ۽ چڪ هڻي ته نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي، پنجاب جي ماکي جي ڏنگڻ سان انسان جي جان به ضايع ٿي سگھي ٿي. ان ڪري پنجاب جي ماکي کي لاهڻ لاءِ خاص ڄاڻو ماڻهو لاهيندا آهن عام ماڻهون پنجاب جي ماکي لاهڻ کان لنوائيندي نظر ايندو آهي. ڇاڪاڻ ته پنجاب جي ماکي جو ڏنگ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو. سنڌي ماکي هجي يا پنجابي ماکي پر ٻنهي کي لاهڻ لاءِ ماکي جا لاهيندڙ دونهين جو استعمال ڪن ٿا.ماکي کي لاهڻ لاءِ هڪ ڪپڙي جو پليتو يا سڪل ڇيڻو کڻي ان کي باه ڏئي دونهون ڪري ماکي جي ماناري جي ويجھو ڪن ٿا ته ماکي جا مکا ماناري تان اٿڻ شروع ڪندا آهن. جنهن بعد ماکي ماناري سميت آساني سان لاهي سگھجي ٿي. ڳوٺن ۾ اڪثر عورتون ماکي گھرن ۾ سنڀالي رکنديون آهن. ڳوٺن ۾ ماکي سياري جي وقت گھڻي استعمال ٿيندي آهي. ڳوٺ ۾ عورتن ٿڌ وڌي وڃڻ سبب پنهنجي ٻارن کي ماکي جو چاٽو ٺاهي کارائيندو آهن. جيئن ٻار سردي کان بچي سگھن.ڳوٺن ۾ اڪثر ماڻهون ايندڙ مهمانن لاءِ صبح جو ناشتي ۾ مکڻ مٿان ماکي وجھي به کڻي ايندا آهن. جيڪا ڳوٺن ۾ مهمانن کي کارائڻ هڪ مهمان نوازي ۾ شامل ٿيندي آهي.

Bookmark the permalink.