تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ ۾ ٻوڙا به ڊرائيونگ ڪندا: وزيراعليٰ لائسنس ورهايا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو ٻڌڻ جي سگھه کان محروم معذور نوجوانن (ٻوڙن) کي ڊرائيونگ لائسنس ڏئي ڇڏيا، وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوسن ۾ معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي الڳ الڳ تقريبون ڪوٺايون ويون. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته معذور فردن جي همت افزائي ۽ کين مرڪزي ڌاري ۾ آڻڻ ۾ ذهني معذوري اهم رڪاوٽ آهي. هن چيو ته آئون معذور فردن جي بحالي ۽ کين زندگي جي هر شعبي ۾ تعليم کان وٺي روزگار ۾ جائز حصو ڏيڻ جو خواهشمند آهيان. ان موقعي تي وڏي وزير ٻڌڻ کان محروم فردن ۾ ڊرائيونگ لائسنس پڻ ورهايا. وڏي وزير چيو ته ٻوڙن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪرڻي پئي ٻئي پاسي گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ گورنر عمران اسماعيل چيو ته معذورن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار نڀايو آهي، هن چيو ته گرين لائين بس منصوبي ۾ اسپيشل فردن لاءِ به سڀئي سهولتون ميسر هونديون

Bookmark the permalink.