تازا ترين
  • *ڊکڻ ڀرسان شرپسندن مبينا طور سارين جي ٽن ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي، آبادگار پريشان*
  • *ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، حيدرآباد واسي 4 ڄڻا زخمي * ڪوٽڙي: زخمين ۾ حيدرآباد جي سبزي منڊي واري علائقي جا رهواسي عباس علي گدي، فرمان علي گدي، عمر علي ۽ شاهد گدي شامل *
  • *سکر: نيب سکر پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر خلاف سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرائڻ وارن الزامن جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو * سکر: نيب سکر جي اختيارين جاچ شروع ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کان اجازت گهري ورتي: ذريعا *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جو سائيڪل کي ٽڪر، 13 سالن جو معصوم نينگر شهباز پٽ قمرالدين ڀٽو فوت ٿي ويو*
  • * قاضي احمد لڳ 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي زاھده ڌيءُ صحبو خان مري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي *
  • *جيڪب آباد: رستم جي پنهوار ۽ بنگلاڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جيڪب آباد ۾ جرڳو، هڪ خون جا 47 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * جيڪب آباد: بنگلاڻي برادري تي هڪ شخص جو خون ثابت ٿيو، خون بها 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي * جيڪب آباد: بيگناهه قتل جا وڌيڪ 15 لک ۽ لاش جي تذليل جا به 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو *
  • *ور شهر: صبح کان گم ٿيل نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ * ور شهر: معصوم نينگري دعا ولاسيو جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو، نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *ڪراچي: دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين، ڪيس جو مختلف رُخن ۾ جائزو ورتو پيو وڃي: ڪراچي پوليس * ڪراچي: هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪري ورتي آهي: ڪراچي پوليس جو ترجمان * ڪراچي: شهرين کي اپيل آهي ته ڪيس لاءِ اطلاع هجي ته ويجهو موجود ٿاڻي تي ٻڌائين: بيان *
  • *اسلام آباد: هن سال 104 ماڻهو قتل ۽ 121 اغوا ٿيا: گذريل سال ٻارن سان جنسي زيادتي جا 29 واقعا رجسٽر ٿيا: وفاقي گهرو کاتو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي گهرو کاتي طرفان ڏوهن بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا * اسلام آباد: وفاقي گهرو کاتي طرفان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جي دعويٰ *
  • *اسلام آباد: بشير ميمڻ کي هٽائڻ وارو مامرو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو: وفاقي سرڪار جواب نه ڏنو*
  • سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو ؟ 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*پارليامينٽ کي وڏا اشوز حل ڪرڻا آهن، هي ته ميمبرز جي مقرري آهي، هر ميمبر ڪوشش ڪري ته پارليامينٽ جو معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي*وفاقي سرڪار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان مهلت جي استدعا: عدالت 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي*
  • وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي (ن ليگ اڳواڻ) ٻئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪن: عدالت*
  • نئون چيف اليڪشن ڪمشنر:وزيراعظم3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا*عمران خان طرفان تجويز ڪيل نالن ۾ بابر يعقوب، فضل عباس ۽ عارف خان شامل*

سنڌ ۾ ماڪڙ وڌيڪ هزارين ايڪڙ فصل کائي ڇڏيا، ڍل معاف ۽ قرض ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي (نمائندن وٽان) مرزا پور، ڪنري، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، نبي سر روڊ، پٿورو، کپرو، ورڪشاپ، جهڏو، اڳڙا، فقير آباد، پيرجوڳوٺ، ٺري ميرواهه، فيض گنج، سوئي گيس سميت ٻين شهرن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪنري ۾ پلانٽ پروٽيڪشن پاڪستان طرفان ماڪڙ مار اسپري ڪرڻ وارو جھاز ڇورڪينٽ ايئرپورٽ تي مسلسل موجود آھي جيڪو وقفي وقفي کان ڪجھ ھنڌن تي اسپري ڪري نالو ڪرڻ ۾ مصروف آھي. اسلام ڪوٽ ۾ ماڪر سبب موٽر سائيڪل تي هلڻ مشڪل بڻيل آهي، ٺري ميرواهه ۾ ماڪڙ مار اسپري نه ڪرائڻ خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. فيض گنج ۾ ماڪڙ مار اسپري نه ڪرائڻ خلاف آبادگارن ۽ سول سوسائٽي پاران مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، کپرو ۾ به آبادگارن شھيد چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو، ماڪڙ لوسڻ، ڪمند، لوسڻ، جوئر، ڪڻڪ، سرنھن، ٻاجھر، ڄانڀو، اسپنگر، گوار ۽ موٺ، تر جو فصل، ڀاڄيون، بصر، هيرڻ، مرچ، وڏف کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، آبادگارن جو چوڻ هو ته ماڪڙ تي ضابطو نه آيو، ته وڌيڪ نقصان جو انديشو آهي، هوڏانهن آبادگارن مطالبو ڪيو ته ماڪڙ متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڍل معاف ڪري هارين کي قرض ڏنو وڃي، ٻئي طرف ھاري ماڪڙ کي ڀڄائڻ توڙي مارڻ لاءِ مختلف ۽ انوکا طريقا استعمال ڪندي ٺڪاء ڪرڻ، باھ ٻاري دونھون ڪرڻ ۽ جلال چانڊيو جا ڪلام ھلائڻ سميت سمورا ذريعا ڪتب آڻڻ باوجود ماڪڙ وڃڻ لاءِ تيار ناهي.

Bookmark the permalink.