تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي بعد برسات سبب ٽماٽي، بصر، ڪپهه، مرچ ۽ کجي جي فصلن کي سخت نقصان: مرچ جو فصل 25 سيڪڙو تباھ ٿيو آهي: ايوان زراعت

سنڌڙي،جھڏو۽ڪنري ۾ آبادگارن مرچ سُڪايا ته برساتن سبب 25 سيڪڙو تيار ٿيل فصل تباھ ٿيو: زاهد ڀرڳڙي

خيرپور ۽سکر ۾ کجين جو تيار ٿيل فصل به 15 کان 20 سيڪڙو تائين تباھ ٿيو آهي: آبادگار اڳواڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ايوان زراعت برساتن دوران خدشو ظاهر ڪيو آهي ته صوبي ۾ ٽماٽي، بصر، ڪپهه، مرچ ۽ کجي جي فصلن کي سخت نقصان رسيو آهي ۽ مرچ جو فصل 25 سيڪڙو تباھ ٿيو آهي. ايوان زراعت اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي موجب سنڌڙي، جھڏو ۽ ڪنري ۾ آبادگارن پاران مرچ سُڪايا پئي ويا ته برساتن سبب 25 سيڪڙو تيار ٿيل فصل تباھ ٿي آهي. هن چيو ته خيرپور، روهڙي ۽ سکر ۾ کجين جو تيار ٿيل فصل به سُڪي رهيو هو اهو به هن وقت تائين جي رپورٽن موجب 15 کان 20 سيڪڙو تائين تباھ ٿيو آهي. آبادگار اڳواڻ موجب ماڪڙ حملن بعد متاثر ٿيل آبادگارن کي برسات ٻيو ڌچڪو رسايو آهي. زاهد ڀرڳڙي چيو ته تازو پوکيل ٽماٽي جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي ۽ بصرن کي به ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سبب سنڌ سرڪار کي آبادگارن لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.