تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙين جو سلسلو شروع، مختلف شهرن ۾ نيشنل بينڪز ٻاهران قطارون لڳائي پگهار ۽ پينشن وصول

نوشهري فيروز، پني عاقل، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ ماڻهن نيشنل بئنڪن ٻاهران قطارون لڳايون

قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود بينڪن ٻاهران قطارن تي انتظاميا، پوليس توڙي رينجرز به خاموش

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙين جو سلسلو شروع ٿي ويو، قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود مختلف شهرن ۾ ماڻهن نيشنل بينڪن ٻاهران قطارون لڳائي پگهار ۽ پينشن وصول ڪئي، جنهن تي انتظاميا جيان پوليس ۽ رينجرز به خاموشي جو مظاهرو ڪيو. نوشهري فيروز، پني عاقل، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ ايڊوانس پگهارون ۽ پينشن وٺڻ لاءِ ماڻهن نيشنل بئنڪن ٻاهران وڏيون وڏيون قطارون لڳايون. صوبي ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود بينڪن ٻاهران وڏين وڏين قطارن تي انتظاميا جيان پوليس ۽ رينجرز به خاموشي جو مظاهرو ڪيو. صحت ايمرجنسي دوران ماڻھن کي گهٽ ۾ گهٽ ۾ 3 فوٽن جو مفاصلو رکڻو آھي، پر بئنڪ انتظام ان تي عملدرآمد لاءِ ڪي به قدم نه کنيا. سنڌ واسين سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته لاڪ ڊائون تي مڪمل طور عمل ڪرايو وڃي، جيئن قاتل ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ خاطر صوبي ۾ 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.