تازا ترين
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ ستين ڏينهن تي ننڍا وڏا شهر بند روڊ رستا ويران بڻيل، ڪاروبار بند هجڻ سبب لکين پورهيت پريشان

فوج، رينجز ۽ پوليس پاران گشت دوران ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ ستين ڏينهن تي ننڍا وڏا شهر بند روڊ رستا ويران بڻيل آهن، ڪاروبار بند هجڻ جي ڪري لکين پورهيت بيروزگار ٿي ويا، فوج، رينجز ۽ پوليس پاران گشت دوران ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري آهي. ڪورونا وائرس پکيڙ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون جي ستين ڏينهن تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ ڦيٿو نه ڦريو. روز ڪمائي کائڻ وارا لکين ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت پاران اعلانيل امدادي راشن به ضرورت مندن کان اڃا پري آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته چونڊيل نمائيندا صرف صابڻ ورهائي ڦوٽو سيشن ڪرائي غائب ٿي ويا، ڪاروبار بند هجڻ تائين اسان کي راشن ۽ عام واهپي جون شيون ڏنيون وڃن. سنڌ جي راڄڌاني جا علائقا ملير، لياري، گلشن حديد، گلستان جوهر، صدر، ڪورنگي، لالو کيت، ڪلفٽن، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻيا علائقا ستين ڏينهن به ويران بڻيل آهن. مٽياري، ٽنڊو ڄام، هالا، نواب شاهه، بدين، سانگهڙ، دادو، پنو عاقل، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ به مرڪزي ڪاروبار بند آهي، ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيتن کي اڄ به ڪم نه مليو. ميهڙ، ڪوٽ غلام محمد، شھدادڪوٽ، ڪوٽ لالو، مٺياڻي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪريانه، ڏهي، کير، ميوه، ميڊيڪل اسٽورز جا دڪان کليل آهن، پوليس ۽ رينجرز جو شهرن ۾ گشت جاري آهي ۽ شھري گھرن تائين محدودآهن.

Bookmark the permalink.