تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد نه ٿيو: جمعي کان ڪرفيو لڳائڻ جو امڪان

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد نه ٿيو: جمعي کان ڪرفيو لڳائڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ ۾ جمعي کان ڪرفيو لڳائڻ جو امڪان، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي گهرن تائين محدود رکڻ لاءِ جمع ڏينهن کان 4 ڏينهن لاءِ صوبي اندر ڪرفيو لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جو علان اڄ ڪيو ويندو. ذريعن موجب سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيو آهي، جنهن سبب ڪرفيو لڳائڻ ضروري ٿي پيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرفيو دوران ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ صحافين کي ڇوٽ حاصل هوندي، اسپتالن اندر قائم ميڊيڪل اسٽورز کليل رهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته راشن ورهائڻ لاءِ يوسي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون پيون وڃن، سمورن ڊي سيز کي رقمون جاري ڪيون ويون آهن.

Bookmark the permalink.