تازا ترين
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

سنڌ ۾ فصلن تي ماڪڙ جا حملا جاري، جهاز ذريعي اسپري نٿا ڪرائي سگھون: سنڌ سرڪار

عمرڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد، پٿورو، ڪنري، سامارو، بچا بند ۾ ماڪڙ پوکيل فصل کائي ڇڏيا

اسلام ڪوٽ ورڪشاپ،صالح پٽ، ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جي حملن سبب هاري پريشان

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ فصلن تي ماڪڙ جا حملا جاري آهن، جنهن ڪري هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سخت متاثر ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسيجي علائقن ڊينگاڻ ڀرڳڙي, لانڊي, واگهريجي ۽ ٻين هنڌن تي لکن جي تعداد۾ مڪڙن جو پوکيل فصل تي حملو ڪري فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. عمرڪوٽ ضلعي جي چئن ئي تعلقن پٿورو، ڪنري، سامارو ۽ عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٻن مھينن کان ڪاھ ڪري آيل ماڪڙن ضلعي ۾ ڪڻڪ، توريو، لوسڻ، اسپنگر، برسينگ، ڊالڊا سميت ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ هاڻي لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ شهر جي مختلف علائقن ڪارونجھر چوڪ، شاھي بازار، روحل بس اسٽاپ، سول اسپتال روڊ، الله واري چوڪ، گجوراڻا چوڪ، اکين جي اسپتال، جميل مارڪيٽ، شيوارام مارڪيٽ سميت مختلف علائقن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪاھي پيا آهن، ماڪڙن جي حملي سبب شھر ۾ اڪثر دڪانن ۽ ٺيلھي وارن پورھيتن جو ڪارونھوار ٺپ ٿي پيو آهي، پٿوري تعلقي جي مختلف علائقن غلام نبي شاھ، بچابند، ھيرل ۾ ماڪڙ پوکيل ڪڻڪ سرنھن اسپنگر لوسڻ ۽ ٻين فصلن کي کائي ناس ڪري رهي آھي . ھارين پاران فصلن کي بچائڻ لاءِ مختلف ديسي طريقا آزمايا پيا وڃن پر اھي به بي اثر ٿي رھيا آهن ڪروڙن جي تعداد ۾ پهتل ماڪڙ تي ڪو به ڪنٽرول نه اچي سگهيو آھي. اسلام ڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ميهاري،سرنگهو، چوڻهار،گلو جو تڙ، راڻا ترائي، هوٿي جو تڙ، ميمڻ جو تڙ، جوڳلار، کانکڻهيار بجير، کانکڻهيار رحم علي، لٻو، ملهو ڀيل ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ماڪڙ مارو ماڻهن جي فصلن سميت چوپائي مال جو چارو توڙي ننڍن وڏن وڻن کي کائي ختم ڪري رهي آهي، راضيديرو ۾ آبادگارن حڪومت پاران ماڪڙ جي خاتمي لاء موثر قدم نه کڻڻ خلاف احتجاجي مارچ ۽ مظاهرو ڪيو ويو، آبادگار اڳواڻ ڪامريڊ نثار ابڙو، ارشاد سيال، وحيد کهڙو، درمحمد ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. گمبٽ ۾ مختلف علائقن جي سوين آبادگارن هٿن ۾ پينافليڪس کڻي خيرپور لاڙڪاڻو روڊ راضيديرو باءِ پاس کان پريس ڪلب راضيديرو تائين هڪ ڪلو ميٽرپيادل مارچ ڪري گمبٽ راضيديرو روڊ تي ٽن ڪلاڪن تائين بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو ڪامريڊ نثار ابڙو، مجيب الرحمان کهڙو، جمال محمود کهڙو، ڊاڪٽڙ پيارو خان ڦلپوٽو، سنڌ وحيد کهڙو ۽ ٻين چيو ته حڪومت جي لاپرواهي سبب ٻن هفتن کان تعلقي گمبٽ جي مختلف علائقن گمبٽ. کهڙا، رپڙي، بهارو، راضيديرو ڪچو،پڪو، اڳڙا، مهتاڻي، ستابو، جادو واهڻ، مهرو واهڻ، پير عيسيٰ، ڪمالديرو سميت ٻين علائقن ۾ ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن. آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. صالح پٽ ۾ گذريل هڪ مهيني کان ماڪڙ جي فصلن، وڻن، باغيچن ۽ گاهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. آبادگارن کي ڪروڙين روپين جي نقصان ٿيڻ کانپوءِ زراعت کاتو سنڌ ۽ وفاق جاڳي پيو ۽ ماڪڙ تي ڦوهارو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. پيرڳوٺ ۽ آس پاس جي مختلف علائقن ڳوٺ حضور بخش جوڻيجو، نور خان لغاري، صدرجي ڀٽيون، احمدپور، ڪوٽ ميرمحمد، وڏا ماڇيون، رفيق مهيسر ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي، چڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ جا لکين ڪٽڪ پهچي ويا آهن، جن چڪ، رستم، محمدآباغ، جهان خان عبدو، ناپر، قاسم ڳوٺ، دودو، ڀرڪڻ، مڱراڻي، هوٿي، کاهي سميت سوين ڳوٺن ۾ پوکيل ڪڻڪ، مٽر، لوسڻ، سرنهن، نئين پوکيل موسمي سبزين  ۽ ٻين جي فصلن کي نقصان پهچايو آهي. ورڪشاپ ۾ به ماڪڙ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن. کاروڙو ديھه کاروڙو جي ڳوٺ کاروڙو چارڻ ۾ ٦٠٠ ايڪڙ ڪڻڪ ۽ توريو جو فصل ماڪڙن کائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڄام صاحب شھر سميت آسپاس جي علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پھچي ويا آهن، ڳوٺ قطب خان شر . سونو خان رند . رئيس اويس خان شر سميت مختلف ڳوٺن ۾ ماڪڙ ھزارن جي تعداد ۾ پھتل ماڪڙ ڪڻڪ . لوسڻ وڻ ٻوٽا کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي سنڌڙي تعلقي ۾ ماڪڙ جو حملو جاري آبادگارن دھل وڃائي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو، جڏهن ته زراعت جو صوبوبائي اسماعيل راھو سنڌڙي پھتو، ۽ چيو ته جھاز ذريعي ڪراپ ايريا ۾ اسپري نٿا ڪرائي سگھون ڇو ته انسانن ۽جانورن کي خطرو آهي. جن به علائقن ۾ ماڪڙ نقصان ڪيو آهي آبادگارن سان ملي ڪري انھن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪنداسين.،”پنھنجي اخبار“ سان ڳالھيندي هن چيو ته وفاق جھاز نٿو ڏي، فيول سنڌ سرڪار ڀري ٿي تڏھن به تعاون نٿا پيا ڪن.



Bookmark the permalink.