تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

سنڌ ۾ شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ قانونسازي جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ڪابينا مان بِل جي حتمي منظوري کانپوءِ صوبائي حڪومت بحاليءَ لاءِ بااختيار ٿي ويندي. قانون ۽ ماحوليات کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏوگڏ اها به هدايت ڪئي آهي ته قانونسازي جي حوالي سان بِل حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي.
مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ قانون واري وارت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ اندر شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ جي حوالي سان قانونسازي لاءِ مسودي تي صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪابينا طرفان قانونسازي جي منظوري بعد سنڌ سرڪار صوبي ۾ شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ مڪمل بااختيار ٿي ويندي.
وڏي وزير جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر وفاقي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، تازو سنڌ اسيمبلي مان شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد وڏي وزير قانونسازي جي منظوري ڏني آهي.

Bookmark the permalink.