تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

سنڌ ۾ سڀاڻي کان ڪرفيو هڻڻ تي غور: اڄ اعلان جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پرڳڻي ۾ سڀاڻي جمعي کان سومر تائين 4 ڏينهن لاءِ ڪرفيو لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن جو اعلان اڄ ٿيڻ جا امڪان آهن، ٻئي طرف سرڪار لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ سختي ڪندي ميڊيڪل اسٽور به رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هاڻ رڳو اسپتالن ڀرسان واقع ميڊيڪل اسٽور کليل رهندا، گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جيڪي ميڊيڪل اسٽور اسپتالن ڀرسان آهن، اهي پابندي کان آجا آهن، ٻيا ميڊيڪل اسٽور رات جو 8 وڳي کان صبح جو اٺين وڳي تائين بند رهندا، جڏهن ته ماڻهن کي روڊن تي اچڻ جي اجازت نه هوندي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ 290 وينٽيليٽرز، 3.2 ملين پرسنل پروٽيڪٽو اوزارن (پي پي ايز)، 100ريپڊڪٽ اينٽيجن ٽيسٽ مشينون، 100000 ٽيسٽنگ ڪٽز، 50 آر ٽي ليمپ ٽيسٽنگ مشينون، 10 هزار آر ٽي ليمپ ڪٽز ۽ 29 پورٽيبل ايڪسري مشينون خريدڻ جي منظوري ڏني آهي. صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته اسان وٽ فقط 484 وينٽيليٽرز آهن، جن مان رڳو 353 ڪم ڪري رهيا آهن، باقي 52 خراب آهن، 43 اڃا لڳائڻا آهن ۽ 21 خريد ڪيا پيا وڃن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسان کي ڪنهن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 5000 وڌيڪ وينٽيليٽرن جي ضرورت آهي، پهرين مرحلي ۾ 290 وڌيڪ وينٽيليٽرن جي خريداري جي منظوري ڏني وئي . اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي 7 اسپتالن کي ٽيسٽنگ مشينون مهيا ڪيون ويون آهن، جن ۾ چيسٽ ڪلينڪ لياري، ڊي ايڇ ڪيو ڪشمور، سول اسپتال ڪراچي، تعلقي اسپتال هالا، ڊي ايڇ ڪيو سانگهڙ، ڊي ايڇ ڪيو گهوٽڪي ۽ ڊي ايڇ ڪيو نوشهروفيروز شامل آهن. ڄاڻايل اسپتالون روزاني 6 بيچز ۾ 1344 ٽيسٽون ڪرڻ جي صلاحيت رکنديون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صحت کاتي 3718 ٽيسٽون ڪيون آهن، جن مان 3304 منفي قرار ڏنا ويا جڏهن ته 413 جي رزلٽ مثبت آئي آهي جڏهن ته 485 جي رزلٽي اچڻي آهي. صوبي ۾ 94 ڪيس لوڪل ٽرانسميشن آهن.

Bookmark the permalink.