تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

سنڌ ۾ روڊن جي اڏاوت لاءِ 25 سالن بعد ماسٽر پلان تيار: اسٽيئرنگ ڪاميٽي قائم

وڏي وزير جنوري ۾ 834 ملين واري ماسٽر پلان جي منظوري ڏني هئي، ناهيد دراني ڪنوينر مقرر

اي ڊي بي جي مدد سان روڊن کي مارڪيٽ سان ڳنڍڻ لاءِ ” سنڌ روڊ نيٽ ورڪ پلان “ تي ڪم شروع

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ حڪومت پاران25 سالن بعد روڊن رستن جي حوالي سان نئون ماسٽر پلان تيار، ايندڙ 20 سالن لاءِ زرعي پيدوار جي مارڪيٽ تائين پهچ کي آسان بنائڻ ۽ معاشي بهتري لاءِ جوڙيل ماسٽر پلان تي عمل ڪرائڻ ۽ ان جي نگراني لاءِ ِ صوبائي اسٽيئرنگ ڪاميٽي قائم، ناهيد دراني کي ڪنوينر طور ذميواري سونپي وئي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ( اي ڊي بي) جي مدد سان مختلف علائقن ۾ تعمير ٿيل روڊن جو جائزو وٺي انهن روڊن کي مارڪيٽ سان سڌي ريت ڳنڍڻ لاءِ ” سنڌ روڊ نيٽ ورڪ ماسٽر پلان “ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي نگراني لاءِ اسٽيرنگ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي ڪنوينر ناهيد دراني ۽ روڊ سيڪٽر ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل کي وري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪاميٽي ۾ ورڪس اينڊ سروسز، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، انڊسٽريز، آبپاشي، مڪاني ادارن ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽرين کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري سان اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها اسٽيئرنگ ڪاميٽي روڊن جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ماسٽر پلان جي نگراني ڪندي، جڏهن ته پاليسي جي حوالي سان ڪنسلٽنٽس کي هدايتون پڻ جاري ڪندي، نه رڳو اهو پر روڊن جي تعمير ۽ ڪنسلٽنٽس جي ڪم مان مطمئن ٿيڻ جي صورت ۾ کين ادائگي جي سفارش ڪندي. واضح رهي ته 834 ملين جي لاڳت واري ماسٽر پلان جي هلندڙ سال جي جنوري ۾ وڏي وزير منظوري ڏني هئي. ٻئي طرف سنڌ پراونشل روڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ جي ويب سائيٽ تي موجود ڄاڻ مطابق سنڌ ۾ روڊن جو ماسٽرپلان 1995ع ۾ ٺهيو هو، انهي کانپوءِ اڃا تائين انهي کي اپ ڊيٽ ناهي ڪيو ويو،

Bookmark the permalink.