تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ ۾ رولو ڪُتن جو آزار نه گهٽيو، ڀان سيد آباد ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ عورت کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيوهڻ جي فرسٽ سول جج طرفان ڀان سيد آباد اسپتال جو دورو

جج ڪُتي ڏاڙهيل نينگر امجد رودناڻي جي والد، اسپتال جي ايم ايس ۽ عملي جا بيان رڪارڊ ڪيا
بلوڙنسل جا ماريل ڪتا

ڪراچي/ڀان سيد آباد (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نه رولو ڪُتن جو آزار گهٽيو ۽ نه ئي اسپتالن ۾ ڪتي ڏاڙهيل متاثرن کي وئڪسين ملي سگهي. ڀان سيد آباد ۾ رولو ڪُتن نينگر صابر علي ۽ عورت مهناز خاتون کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي سرڪاري اسپال اسپتال نيو ويو جتي کين ويڪسين نه ملي. هن کان اڳ ڀان سيد آباد ۾ نينگر امجد رودناڻي کي ڪتي جي چڪ واري ويڪسين نه ملڻ واري مامري جو سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيوهڻ جي فرسٽ سول جج فاروق احمد ڀان سيد آباد اسپتال جو دورو ڪيو. ڪُتي ڏاڙهيل نينگر امجد رودناڻي جي والد، اسپتال جي ايم ايس ۽ عملي جا بيان رڪارڊ ڪيا. نينگر جي والد دانهيو آهي ته 6 ڏينهن کان چڪر ڪاٽڻ باوجود اسپتال ۾ وئڪسين نه ڏني وئي. اسپتال انتظاميا طرفان سول جج آڏو ڪُتي ڏاڙهڻ وئڪسين اڄ پهچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.