
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ دُڪانن جي رجسٽريشن فيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ اجلاس دوران ڪاروباري سُڌارن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي اندر ڪاروباري سُڌارن تحت دڪانن جي رجسٽريشن فيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 3 هزار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز جي رجسٽريشن لاءِ 4 رُڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 31 جنوري تائين پراپرٽي ۽ پروفيشنل ٽئڪسز کي آن لائين ڪيو ويندو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي 6 مهينن اندر چارئي ڪيٽيگريز کي ون ونڊو آپريشن ۾ شامل ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ ٽن سالن دوران 3 سئو ارب رُپيا خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته شهر کي بهترين بُنيادي ڍانچو مهيا ڪيو ويندو.
چيف سيڪريٽري جو چوڻ هو ته صنعتي علائقن ۾ ترقياتي ڪم سمورين ڌُرين سان گڏجي ڪرايا ويندا، ايز آف ڊوئنگ بزنس ذريعي ڪاروبار لاءِ ڪيل سُڌارن سان عالمي سطح تي پاڪستان جي رينڪنگ بهتر ٿي آهي، سنڌ سرڪار اڃابه وڌيڪ ڪاروباري سُڌارا آڻي رهي آهي.
ايز آف ڊوئنگ بزنس جي اجلاس دوران چيئرپرسن پلاننگ، چيئرمين ايس آر بي، سيڪريٽري انويسٽمينٽ، ايڪسائيز، بلديات، ناڻي کاتي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرز شرڪت ڪئي، جڏهن ته عالمي بئنڪ جا نمائندا، صدر ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جو صدر به موجود هئا.