تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌ ۾ خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا کلي ويا، حاضري گهٽ، ايس او پيز جي لتاڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار جي تعليمي ادارا کولڻ واري فيصلي کان پوءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا کلي ويا، جڏهن ته پهرين ڏينهن تي شاگردن / جي حاضري گهٽ رهي، تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري سميت تعليم کاتي جي آفيسرن پاران مختلف اسڪولن جا دورا ڪري ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت جائزو ورتو ويو، اسڪول کلڻ کانپوءِ نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ماسڪ پائي پهتا، ساڳي ريت عملي کي پڻ ماسڪ پاتل هئا، خانگي اسڪولن ۾ ايس او پيز جو خيال رکندي شاگردن کي هڪ ٻئي کان فاصلي تي ويهاريو ويو هو، ان ڏس ۾ خانگي اسڪولن جي رجسٽرار رفيعه ملاح ٻڌايو ته خانگي اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ هو مطمئن آهن، هن ٻڌايو ته تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري جي هدايتن تي خانگي اسڪولن جي ڊي جي پاران 6 ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جيڪي ايس او پيز تي عمل بابت جائزو وٺن پيون، جيڪڏهن ڪٿي به عمل نه ٿيندي ڏٺو ويو ته ان اسڪول جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٺٽي جي مين بوائز هاءِ اسڪول جي چوطرف ۽ اڳئين حصي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شاگردن جي حاضري پهرين ڏينهن تي نه هجڻ برابر رھي.

Bookmark the permalink.