تازا ترين
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، مراد علي شاهه روڪي سگهين ٿو ته روڪي ڏيکار: حليم عادل شيخ

دادو (ن پ ا) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، مراد علي شاهه روڪي سگهين ٿو ته روڪي ڏيکار. دادو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته دادو جي گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ مينهون ٻڌل آهن، سنڌ حڪومت کي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڇا مراد علي شاهه حڪومت جي اها ڪارڪردگي آهي؟. هن چيو ته اسان به سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيون، پر موجوده صورتحال برقرار رهي ته لڳي به سگهي ٿو. حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي نظام کي تباهه ڪيو ويو آهي، اسڪول مان استاد غائب ۽ اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون نٿيون ملن.
ٻئي پاسي دادو جي غريب آباد ۾ بوائز هاءِ اسڪول مينهن جي واڙي ۾ تبديل ٿيل آهي، ڪلاس رومز ۾ استادن ۽ شاگردن جي جاءِ تي مينهون موجود، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ تعليم کاتي جي پت وائکي ڪندي چيو آهي ته ڇا سنڌ سرڪار سمورا ٻار پڙهائي ڇڏيا، جو هاڻي اسڪولن ۾ مينهن کي پڙهايو وڃي ٿو، غريب آباد ۾ هاءِ اسڪول سال 2012ع ۾ قائم ٿيو، ٻارن کي پڙهائڻ بدران ڪلاس رومز ۾ مينهون ٻڌل آهن. استاد روم ۾ مينهون پڙهي رهيون آهن.

Bookmark the permalink.