تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ ۾ اڄ کان تعليمي ادارا کلي ويندا: ماسڪن ۽ ٻئي سامان لاءِ پي ڊي ايم اي کي خط

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ ۾ اڄ کان تعليمي ادارا کلي ويندا، تعليم کاتي صابڻ، ماسڪ ۽ ٻئي گهربل سامان جي فراهمي لاءِ صحت کاتي ۽ پي ڊي ايم اي کي خط لکي ڇڏيو، وفاقي حڪومت پاران ڪورونا صورتحال سبب بند ڪيل تعليمي ادارا 200 ڏينهن بعد اڄ کان کلي ويندا، پهرين مرحلي ۾ نائين ڪلاس کان يونيورسٽي سطح جا ڪلاس شروع ٿيندا، ٻئي مرحلي ۾ ايندڙ هفتي ڇهين کان اٺين درجي ۽ آخري مرحلي ۾ 15 ڏينهن بعد نرسري کان پنجين درجي تائين جا ڪلاس شروع ٿيندا، تعليمي ادارا کولڻ بابت تعليم کاتي پاران باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق تعليمي سال 15 سيپٽمبر کان 15 اپريل تائين جاري رهندو، هوڏانهن ڪالهه تعليم کاتي پاران پي ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي کي خط لکي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ گهربل سامان لاءِ مدد طلب ڪئي وئي آهي، تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري فوزيه خان پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان ڪورونا کان بچاءُ لاءِ يونيسيف، ڊبليو ايچ او ۽ ٻين ادارن کان مدد گهري هئي، جن پڻ اسانجي مدد ڪئي آهي، اسان صحت کاتي ۽ پي ڊي ايم کي پڻ خط لکي صابڻ، ماسڪ، ڪلاس روم کي وائرس کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اسپري وارو سامان گهريو آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ سرڪار پاران پرائمري اسڪول کولڻ کان اڳ استادن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو

Bookmark the permalink.