تازا ترين
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

سنڌ ۾ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانن جا“ٽنڊن” جي نالي سان آباد ڪيل 93 ننڍا وڏا شهر موجود

ڪجهه ٽنڊن جو وجود ميسارجي چڪو، ڪن جو موجوده دور ۾ به وجود برقرار

ٽنڊا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪمراني واري دور ۾ آباد ٿيا: شاعر خليل کوسي جي تحقيق

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جا 93 ماڳ ”ٽنڊن“ سان منسوب، ٽنڊا ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ آباد ٿيا، ڪجهه ٽنڊن جو وجود ميسارجي چڪو، انيڪ ٽنڊا اڄ به پنهنجو وجود برقرار رکن ٿا، ڪيترائي ٽنڊا وڏن شهرن ۾ تبديل، رڳو 21 ٽنڊا حيدرآباد ۾ آباد. رپورٽ موجب سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن اندر 93 ماڳ ٽنڊن سان منسوب هجڻ جي تصديق ٿي آهي. اهي ٽنڊا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم ٿيل آهن جيڪي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪمراني واري دور ۾ آباد ٿيا. سنڌ ۾ ٽنڊن جي موجودگي جي حوالي سان نامياري شاعر خليل کوسي تحقيق ڪئي آهي. ٽنڊن تي تحقيق بابت سندس هڪ ڪتاب ”سنڌ جا ٽنڊا“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي جنهن ۾ هن ٽنڊن جا نالا ۽ انهن جو تعارف به پيش ڪيو آهي. تحقيق موجب حيدرآباد ضلعي ۾ 15 ٽنڊا قائم ٿيل آهن جن ۾ ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊو جهانيان، ٽنڊو يوسف، ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو آغا، ٽنڊو طيب، ٽنڊو ولي محمد، ٽنڊو ماهي ماهڻ، ٽنڊو مير غلام حسين، ٽنڊو غفور شاهه جهانيان، ٽنڊو قيصر، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو بهاول، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو جهان، ٽنڊو غلام محمد، ٽنڊو فضل، ٽنڊو عالم خان مري، ٽنڊو کيانتو، ٽنڊو گدو ۽ ٽنڊو بهادر شامل آهن. انهن ٽنڊن مان رڳو هڪ ٽنڊو جهانيان ميسارجي چڪو آهي جتي رهندڙ ڀرڳڙين جو هاڻي رڳو قبرستان باقي بچيو آهي. سنڌ ۾ جن ٻين ٽنڊن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي انهن ۾ ٽنڊو آدم، ٽنڊو ابراهيم، ٽنڊو اجن شاهه، ٽنڊو اڪرام، ٽنڊو اقبال، ٽنڊو الهه ڏنو ملاح، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو باگو، ٽنڊو بلند خان، ٽنڊو بهادر، ٽنڊو بهار، ٽنڊو ٻورا، ٽنڊو ٽوٻائي، ٽنڊو پوپٽي، ٽنڊو جان محمد، ٽنڊو ڇاڱاڻي، ٽنڊو حاجي ميرل خان، ٽنڊو حاصل خان، ٽنڊو حجامڪو، ٽنڊو حافظ شاهه، ٽنڊو دلشاد، ٽنڊو رحيم خان، ٽنڊو سائينداد، ٽنڊو سعيد خان، ٽنڊو سومرو، ٽنڊو سيرو، ٽنڊو شهباز، ٽنڊو شاهه، ٽنڊو شهبازي، ٽنڊو شهداد، ٽنڊو شير محمد، ٽنڊو طريل، ٽنڊو عالم، ٽنڊو علي آباد، ٽنڊو علي شير، ٽنڊو علي، ٽنڊو علي محمد، ٽنڊو غلام علي، ٽنڊو غلام حيدر، ٽنڊو فتح، ٽنڊو فتح الدين شاهه، ٽنڊو فضل، ٽنڊو فيض محمد، ٽنڊو ڪرم خان، ٽنڊو ڪولاچي، ٽنڊو گامون، ٽنڊو گل شاهه، ٽنڊو گوندل، ٽنڊو لقمان، ٽنڊو مير امام، ٽنڊو مٺا خان، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو مير امام بخش، ٽنڊو مير عالي، ٽنڊو مير علي اڪبر، ٽنڊو مير علي مردان، ٽنڊو مير ڪرم علي خان، ٽنڊو مستي، ٽنڊو مسو خان، ٽنڊو موسيٰ خان، ٽنڊو مير محمد خان، ٽنڊو مير مريد حيدر، ٽنڊو نجابت، ٽنڊو ندو، ٽنڊو نظر علي، ٽنڊو نور محمد، ٽنڊو نيهال، ٽنڊو نيازي ۽ ٽنڊو وسومل شامل آهن. انهن مان اڪثر ٽنڊا اڄ به قائم آهن جڏهن ته ڪيترائي ٽنڊا وڏا شهر بڻجي چڪا آهن جن ۾ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو باگو، ٽنڊو غلام علي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو مستي ۽ ٽنڊو آدم جهڙا شهر پنهنجي خاص حيثيت رکن ٿا. اهي ٽنڊا ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ آباد ٿيا ۽ انهن کي ڪلهوڙن توڙي ميرن جي خاص ماڻهن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.