تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

سنڌ ۾ساڳئي نالي سان به 2-2 ٽنڊا قائم ٿيل

ٽنڊو بهادر جي نالي سان حيدرآباد ۽ ٻيو خيرپور جي ڪنگري تعلقي ۾ قائم

حيدرآباد: سنڌ ۾ ساڳئي نالي سان به 2-2 ٽنڊا قائم ٿيل آهن. نامياري شاعر خليل کوسي جي تحقيق موجب سنڌ ۾ ٽنڊو بهادر جي نالي سان ٻه ٽنڊا موجود هئا جن مان هڪڙو ٽنڊو بهادر تعلقي حيدرآباد جي يونين ڪائونسل سيري جي ديهه پت ڀري ۾ قائم هو جنهن ماڳ جو نالو هاڻي مبارڪ شاهه آهي پر اصل ۾ اهو ٽنڊو بهادر خان نظاماڻي هو. ساڳئي نالي سان ٻيو ٽنڊو ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪنگري ۾ قائم ٿيل آهي جنهن ۾ سيد ۽ ميتلا برادري جا ماڻهو رهن ٿا. ٽنڊو حيدر جي نالي سان به ٻه ٽنڊا قائم ٿيل آهن. هڪڙو ٽنڊو حيدر شيخ ڀرڪيو روڊ تي تعلقي حيدرآباد جي حدن ۾ ۽ ٻيو ٽنڊو پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس جي حدن ۾ قائم ٿيل آهي. ٽنڊو سائينداد جي نالي سان به سنڌ ۾ ٻه ٽنڊا آهن. انهن مان هڪڙو ٽنڊو سائينداد ٽنڊو محمد خان ڀرسان قائم ٿيل آهي جڏهن ته ٽنڊي اجن شاهه کي ٽنڊي سائينداد جي نالي سان سڏڻ جون روايتون پڻ ملن ٿيون. ٽنڊا سومرا به سنڌ ۾ ٻه آهن. هڪڙو ٽنڊو سومرو ٽنڊو الهيار ضلعي جي حدن ۾ ۽ ٻيو ٽنڊو سومرو سانگهڙ جي تعلقي شهدادپور جي مشهور ڳوٺ ٻرهون کان 3 ڪلو ميٽر اوڀر ۽ کڏڙي شهر کان 2-3 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. ان ٽنڊي جو بيناد رئيس سومر خان باگراڻي ايوب خان جي دور ۾ لڳ ڀڳ 1960ع ڌاري رکيو هو. ٽنڊو شهباز ۽ ٽنڊو شهبازي جي نالي سان به ٻه ٽنڊا موجود هئا. ٽنڊو شهباز گهوٽڪي شهر جي اسٽيشن روڊ تي موجود آهي جڏهن ته ٽنڊو شهبازي سيوهڻ شريف کان 8 ڪلو ميٽر پري دادو روڊ تي واقع آهي. ٽنڊو يوسف نالي به سنڌ ۾ ٻن ٽنڊن جو قيام عمل ۾ آيو. هڪڙو ٽنڊو يوسف حيدرآباد شهر جي ڦليلي واري علائقي ۾ قائم ٿيل آهي جيڪو اڄ به موجود آهي جڏهن ته ٻيو ٽنڊو يوسف ٺٽي ضلعي ۾ ڪراچي روڊ تي گجو شهر کان اولهه طرف 2 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي قائم آهي. اهو اسٽاپ ٽنڊو جي نالي سان مشهور آهي. اهو ٽنڊو محمد يوسف جوکيو جي نالي سان قائم ٿيو.

Bookmark the permalink.