تازا ترين
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ نيٺ جاڳي پيون: صالح پٽ ۽ ڀرپاسي جهاز ذريعي اسپري

خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ مرحليوار اسپري مڪمل ڪيو ويندو: اختياريون

صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جهاز ذريعي ماڪڙ مار اسپري شروع ٿي ويو آهي. زراعت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته مرحليوار خيرپور ۽ سکر ضلعن جي سمورن متاثر علائقن ۾ جهاز ذريعي ماڪڙ مار اسپري ڪيو ويندو. ساهي پٽ، ڳٽن واري علائقي، يوسي ترائي، لونگ جو ڳوٺ، يوسي کبڙي ڀٽ، يوسي لالو جڙيو شنباڻي، يوسي وس، ميانو، کوسن جا ڪنب، کاهي، ڍانڍي، سڱرار، وائڙي، آر ڊي 71، ڪورائي واهه، گدر هارڙو، قادر بخش جا قبا، اروڙ، ٽمنهون، ڪنڌرا ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ جي ڪٽڪن فصل کائي ناص ڪري ڇڏيا. سنڌ ۽ وفاقي سرڪار طرفان گڏيل طور ڦوهارو شروع ڪيو ويو آهي.
پهرئين مرحلي ۾ صالح پٽ جي ديهه جنوجي، ديهه لولي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خصوصي جهازذريعي ماڪڙ مار اسپري ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ جهاز ملڻ بعد اسپري شروع ڪيو ويو آهي، خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ مڪمل طور ماڪڙ مار اسپري ڪيو ويندو.



Bookmark the permalink.