تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ تيز برسات دوران صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي

وڏي وزير طرفان چونڊيل نمائندن کي 9 آگسٽ تائين پنهنجن ضلعن ۾ رهڻ جِي هدايت

گُجر نالي، ڪورنگي ۽ “مَواڇ ڳوٺ نالَي” تي ايف ڊبليو او ڪم ڪري رهي آهي:اين ڊي ايم اي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ تيز برسات دوران ضلعي سطح تي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيرن، خصوصي معاونن ۽ چونڊيل نمائندن جِي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي. وڏي وزير طرفان چونڊيل نمائندن کي 9 آگسٽ تائين پنهنجن ضلعن ۾ رهڻ جِي هدايت ڪئي. اين ڊي ايم اي ڪراچي ۾ نالن جِي صفائي بابت تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته گُجر نالي، ڪورنگي ۽ “مَواڇ ڳوٺ نالَي” تي ايف ڊبليو او ڪم ڪري رهي آهي. ٽنهي نالن ۾ 45 مان 35 چوڪنگ پوائنٽس کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، گُجر نالو 80 سيڪڙو، ڪورنگي نالو 85 ۽ مواڇ ڳوٺ نالو 76 سيڪڙو صاف ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.