تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

سنڌ ۽ بلوچستان جي بلڊرن جا ڪيس ڪراچي منتقل

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) فيڊرل بورڊ آف روينيو بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي ڪيسن جي حدن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي، نئين حدبندي جي ڪري ايف بي آر جي حيدرآباد آفيس کان ڪيس ٻڌڻ جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا، نئين نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جا سمورا بلڊرز پنهنجي ڪيسن لاءِ ڪراچي آفيس سان رجوع ڪندا. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اداري فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) بلڊرز اينڊ ڊولپرز جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ نيون حدبنديون ڪيون آهن جنهن تحت اڳي ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين علائقن جي بلڊرز اينڊ ڊولپرز جا جيڪي ڪيس حيدرآباد ۾ ٻڌا ويندا هئا. هاڻي اهي ڪيس ڪراچي ۾ اي سي آءِ آر، ڊي سي آءِ آر، اسپيشل سرڪل فار بلڊرز اينڊ ڊولپرز، ايل ٽي يو ٽو ڪراچي وٽ ٻڌا ويندا.جنهن ڪري بلڊرز اينڊ ڊولپرز انتهائي پريشان آهن سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۽ ٻين ضلعن وارن کي ڪراچي آفيس سان رجوع ڪرڻو پوندو. گڏوگڏ بلوچستان جا بلڊرز به هاڻي پنهنجي ڪيسن جي حوالي سان ڪراچي آفيس سان رجوع ڪندا. نوٽيفڪيشن موجب ايل ٽي يو ڪراچي، ايل ٽي يو ٽو ڪراچي، سي آر ٽي او ڪراچي، آر ٽي او ٽو ڪراچي، آر ٽي او ٿري ڪراچي، آر ٽي او حيدرآباد، سکر ۽ ڪوئيٽا وٽ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جا هلندڙ ڪيس اي سي آءِ آر، ڊي سي آءِ آر، اسپيشل سرڪل فار بلڊرز اينڊ ڊولپرز ايل ٽي يو ڪراچي وٽ ٻڌا ويندا.

Bookmark the permalink.