تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض رد: سڀاڻي کان 30 ٽرينون هلائڻ جو اعلان: سنڌ سرڪار هارائي وئي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وفاقي حڪومت سڀاڻي کان 31 مئي تائين ٽرين سروس به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اندر ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ريلوي جي وفاقي وزير ملڪ اندر عيد جي موقعي تي ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو پلان پيش ڪيو، اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي جي وزير شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان 20 مئي کان ملڪ اندر 30 ٽرينون ايس او پيز تحت هلائڻ جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته اڄ اڱاري ڏينهن ريلوي اسٽيشنن تي ايس او پيز جي حوالي سان ريهرسل ٿيندي، هن چيو ته پهرين جون تائين حالتون بهتر ٿيون ته سموريون ٽرينون هلايون وينديون، هن چيو ته ماڻهن پهريان ئي آن لائن بڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي، هن چيو ته ايس او پيز تحت شهري اسٽيشن تي ڪنهن مسافر کي ڇڏڻ ۽ وٺڻ نه اچن، ايس او پي جي خلاف ورزي تي ڪارروائي ٿيندي، ريلوي جو سفر هر عمر جا ماڻهو ڪري سگهندا، هن چيو ته ريلوي وزيراعظم جي ماتحت آهي، اسان صوبن جا ماتحت ناهيون، ڪنهن سان جهيڙو ناهي، صوبن جو احترام ڪريون ٿا، وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه کي چوندس ته اسان جا انتظام ٺيڪ رکي، هوائي جهازن سفر جي اجازت ڏني وئي آهي ته ريلوي ڪنهن جو ڇا بگاڙيو آهي، ايس او پيز تحت 7 سيڪڙو سيٽن تي مسافر کنيا ويندا، اهو به عمل فائديمند نه آهي پر ريل سروس ڪو دڪان ناهي عوام جي سواري آهي، هن شهباز شريف جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جيڪي سازشون ڪرڻ لاءِ آيا اهي بليڪ لسٽ ٿي چڪا آهن، انهن جو نالو اي سي ايل ۾ به شامل ٿي ويندو ۽ تمام جلد چوندا ته “ڪهان گئي وه دن” حڪومت خلاف ڪا به سازش نه ٿي رهي آهي، هن چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ٿيندي نٿو ڏسان، اگر ترميم ٿي ته مان ان جي حمايت نه ڪندس، 31 جولاءِ تائين جهاڙو ڦرندي ڏسي رهيو آهيان. هوڏانهن اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ شاپنگ مالز کي کولڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي، عيد جي موڪلن دوران به جيڪڏهن ڪي صنعتون ڪم جاري رکڻ چاهين ته اهڙي اجازت هوندي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، اسان کي ڪورونا سان گڏو گڏ بک جو به مقابلو ڪرڻو آهي، هن چيو ته وزيراعظم اجلاس دوران چيو ته وقت اچي ويو آهي ته صحت جي شعبي کي اها اهميت ڏني وڃي، جنهن اهميت جو صحت جو شعبو حقدار آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت شعبي ۾ سڌارا آڻڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته حڪومتي حڪمت عملي سبب ڪورونا ڪنٽرول ۾ آهي پر ڪورونا وائرس ختم نه ٿيو آهي، اهو ڪيسيتائين هلندو ڪنهن کي ڪجهه معلوم نه آهي، هن چيو ته مخالف ڌر هن مسئلي تي سياست ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته بد قسمتي سان احتياطي تدبيرن تي بد احتياطي جو ثبوت ڏنو ويو آهي، مامرو ائين هليو ته لاڪ ڊائون ۾ سختي ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف هڪ نجي ٽي وي چينل ڳالهائيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته سنڌ حڪومت گهڻي انتها تي هلي وئي آهي، ٽرين وفاقي سواري آهي، اسٽيشن کان ٻاهر سنڌ حڪومت کي جيڪو وڻي ڪري، اسٽيشن اندر ريلوي پوليس جي ذميواري آهي، ٽرين هلائڻ وفاق جو فيصلو آهي، صوبن جو عمل دخل ناهي، وزيراعظم جي سوچ ڪامياب، سنڌ حڪومت کي شڪست ٿي آهي. واضح رهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ريلوي هلائڻ تي اعتراض واريو هو جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.