ڄامشورو(رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي جي ھاسٽل جي پرووسٽ خلاف سيوا پاران احتجاج ڪيو ويو، هاسٽل جي مک گيٽ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سيوا صدر محمد علي گھانگھرو ۽ ٻين چيو ته بوائز ھاسٽل پرووسٽ ثاقب ٻرڙو ملازمن سان ناجائزيون ڪري سندن جبري بدليون ڪري رهيو آهي. پرووسٽ سنڌ يونيورسٽي جي رھائشي ڪالوني ۾ ملازمن جي ڪوارٽر تي قبضو ڪيو آهي، بوائز ھاسٽل ۾ پيل کٽون ۽ ٻيو سامان کڻي قبضي جي گھر جو مرمتي ڪم ڪرايو آھي، انڪوائري ڪرائي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي هاسٽل پرووسٽ ٻڌايو ته سيوا صدر محمد علي گهانگهرو سميت احتجاج ڪندڙن جا مون مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن.
- دنيا جي 72 ملڪن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف، قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دنيا جي 72 ملڪن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران قومي اسيمبلي ۾ تحريري طور تي جمع ڪرايل…
- نيب جو جيڪب آباد ۾ ڇاپو: ايڪسين هاءِ ويز گرفتار، ڪراچي پوليس شڪارپور مان حملي ڪيس جو جوابدار پڪڙي ورتو
سکر(بيورو رپورٽ) نيب سکر جيڪب آباد ۾ ڪارروائي ڪري ايڪسين هاءِ ويز کي گرفتار ڪري ورتو نيب ٽيم موجب جيڪب آباد ۾ ڪارروائي ڪري ايڪسين هاءِ ويز اقبال پٺاڻ کي…
- پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس تي تشدد جا الزام: ڀٽ شاهه پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
ڀٽ شاھ (رپورٽ: راجا بوزدار) پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس سان جهيڙو، تشدد جو الزام، پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. لاڙڪاڻي واسي ناري ڪشش…