تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمن جو مطالبن جي مڃتاء لاءِ مظاهرو: سوٽا اڳواڻ به شريڪ

ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتاء لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، سوٽا اڳواڻ به مظاهري ۾ شامل ٿي ويا. سيوا طرفان سنڌ يونيورشٽي جي اي سي ٽو بلاڪ ٻاهران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ سوٽا اڳواڻن به شرڪت ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جو خزانو ملازمن ۽ استادن جي الائونسز لاءِ خزانو خالي آهي، باقي غير ضروري خرچن تي پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو. سوٽا اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسي ۾ جيڪا به ڪرپشن ٿي آهي، اُن جو ذميوار وائيس چانسلر فتح محمد برفت آهي.
مظاهري ۾ عرفانه ملاح، علي گهانگهرو، نيڪ محمد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سيوا ملازمن مطالبو ڪيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ڪلرڪس کي 14هين گريڊ ۾ گرقي ڏئي، ڪالوني ۾ گئس ۽ بجلي جا بِل فڪس ڪيا وڃن، ملازمن جي پگهار وڌائي رٽائر ڪوٽا بحال ڪئي وڃي. مظاهري ۾ شامل ملازمن پلاٽ الاٽ ڪرڻ ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.