تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

سنڌ يونيورسٽي جو کپرو واسي شاگرد ٽن ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ ظاهر

کپرو( ن پ ا) سنڌ يونيورسٽي جو کپرو واسي شاگرد ٽن ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ ظاهر. سنڌ يونيورسٽي جي پولٽيڪل سائنس جو کپرو واسي شاگرد ميان غلام ڪريم راڄڙ حيدرآباد جي گول بلڊنگ واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو. وارثن موجب ميان غلام ڪريم حيدرآباد ۾ اڇڙي ٿر جي ماڻهن لاءِ چندي مهم بعد دوستن کي سامان وٺڻ لاءِ بازار وڃڻ جو چئي ويو هو. سندس ڳولا ڪئي وئي پر هيل تائين ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. سندس والد ميان غلام حيدر راڄڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.