تازا ترين
  • *راڌڻ: ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش*
  • *ڪراچي: آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو * ڪراچي/حيدرآباد: ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق *
  • *ڪراچي: اڻڄاتل ماڻهن عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ يادگارِ شهداء کي ڊاهي ڇڏيو * ڪراچي: نسل پرست طبقو ان تخريبڪاري ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، شرافت کي بزدلي ۽ ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: خالد مقبول صديقي *
  • *ڪراچي: سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جون پاڙون مافيه جيان مضبوط ٿي ويون آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيشن ججز کي حڪم * ڪراچي: عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاليسي موجب جديد تعليم لاءِ 11 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هر ٽئين مهيني بعد اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم * ڪراچي: پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه ٿا پڙهن، تنهنڪري نظر انداز ڪيو ويو، ناڪامي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي: عدالت *
  • *ٽنڊي آدم ۾ ڀيڻ کي طلاق وٺرائڻ تان ڀيڻيوي تنوير چشتي پسٽل جا فائر ڪري سالَي 35 ورهين جي منور چشتيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو * ٽنڊوآدم: جوابدار تنوير گهرواري تي تشدد ڪندو هو، مقتول خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي: وارث * ٽنڊوآدم: واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن: پوليس *
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

سنڌ ورهائڻ نه ڏبي: پ پ ۽ متحده ايم پي ايز اٽڪي پيا:سينيٽ ڪاميٽي پاران معذرت

سينيٽ ڪاميٽي پ پ،پي ٽي آءِ،جي ڊي اي،متحده۽جماعت اسلامي جي ايم پي ايزسان ملاقات ڪئي

ڪراچي(رپورٽ:دودو چانڊيو) نون صوبن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي ايجنڊا کڻي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي سنڌ اسيمبلي پهچي ايم پي ايز کان تجويزون ورتيون، تجويزن دوران پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر پاڻ ۾ اٽڪي پيا، منهن ماري بعدسينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي سربراهه معذرت ڪندي معاملو ٽاري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي سنڌ اسيمبلي جي ڪانفرنس هال ۾ پ پ، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي ايم پي ايز سان ملاقات ڪري، نون صوبن جي قيام بابت آئين ۾ ترميم لاءِ تجويزون گهريون، ان موقعي تي سڌ سماءِ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي صرف ان صوبي بابت تجويزون وٺي، جنهن صوبي جي اسيمبلي نئين صوبي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو هجي، پاڪستان ۾ صرف پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ ٺهراءِ پاس ڪيو آهي، انهي ڪري تجويزون به پنجاب اسيمبلي جي قرارداد جي روشني ۾ وٺڻ گهرجن، سنڌ اسيمبلي جي سمورن ميمبرن اٿي بيهي سنڌ جي وحدت جي لاءِ ۽ ورهاڱي خلاف ٺهراءَ پاس ڪيو آهي، ان ڪري گفتگو کي پنجاب تائين محدود رکيو وڃي، سنڌ جو ذڪر به نه ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جو ذڪر ڪرڻ سان ئي سنڌ جي ماڻهن جا جذبا مجروح ٿين ٿا، گڏجاڻي ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي محمد حسين چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ٿئي ٿي ته ڪراچي جا شهري به نئين صوبي جو مطالبو ڪن پيا، انهن کي به ٻڌو وڃي، سندس اهڙي جملي تي پ پ سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ باري پتافي اٿي بيٺا، پ پ ميمبرن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه کي ئي گناهه سمجهون ٿا، ان ڪري محمد حسين اهي لفظ واپس وٺي، محمد حسين پاران لفظ واپس نه وٺڻ تي ڪلثوم چانڊيو ۽ محمد حسين جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، گڏجاڻي بدنظمي جو شڪار ٿي وئي جنهن بعد سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي سربراهه جاويد عباسي اعتراف ڪندي چيو ته سنڌ وارو معاملو حساس آهي، ان ڪري اهو هتي بحث هيٺ اچڻ ئي نه گهرجي ها، جيڪڏهن اها ڳالهه نڪتي آهي ته معذرت ٿو ڪريان، ان کان اڳ جي ڊي اي جي ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ عارف مصطفي جتوئي چيو ته سعيد غني جيڪو موقف رکيو آهي اسان جو به ساڳيو موقف آهي، سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي، گڏجاڻي ۾ شريڪ پي ٽي آءِ جي ميمبرن نون صوبن جي قيام واري معاملي تي خاموشي اختيار ڪندي، بلوچستان جي تڪ بندين ۽ چائلڊ ليبر بابت عمر جي حد بندي بابت پنهنجون تجويزون ڏنيون.

Bookmark the permalink.