تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنڌ ورسٽي جي کنڀيل شاگرد جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کي حڪم ڏنو آهي ته ڄامشورو ڦاٽڪ وٽان کنڀي گم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد بلاول چانڊيو جي اغوا جو ڪيس ڪري 15 ڏينهن اندر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. ڄامشورو جي رهواسڻ مهر النساءِ چانڊيو پنهنجي وڪيل نثار احمد چانڊيو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس پٽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اي جو شاگرد آهي. پهرين اپريل 2019ع تي ڦاٽڪ وٽان کيس اڻڄاتل ماڻهن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. طلب ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو اسد علي پرهياڙ، ايس ايس پي ڄامشورو جو نمائندو ايس آءِ پي معظم علي، ڊي آءِ جي حيدرآباد جو نمائندو ايس آءِ پي نور محمد سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. عدالت پڇيو ته اوهان کي شاگرد جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو، هيستائين اوهان ڇا ڪيو آهي؟ عملدارن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي هئي پر ڪورونا سبب جاچ نه ٿي سگهي آهي. درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته پوليس ڏيڍ سال کان ڪيس به داخل نه ڪيو آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته فوري طور اغوا جو ڪيس داخل ڪري رپورٽ 30 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.