تازا ترين
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل ٿيل شهري جي پُٽ کي ماءُ حوالي ڪرڻ کانپوءِ جذباتي منظر، چاچن طرفان نينگر کي کنڀڻ جي ڪوشش

ڀاءُ جي قتل ۾ سندس زال ملوث آهي: دادو واسي گلشاد جو الزام

عدالت عورت سميرا کي مڙس کي قتل ڪرڻ وارن الزامن ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل ٿيل شهري جي پُٽ کي ماءُ حوالي ڪرڻ کانپوءِ جذباتي منظر، نينگر جي چاچن طرفان کيس کنڀي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس وچ ۾ پئي ۽ نينگر کي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو، دادو واسي گلشاد الزام هنيو ته ڀاءُ جي قتل ۾ سندس زال ملوث آهي، هاڻي وري ڀائٽيي کي به ماءُ جي حوالي ڪيو ويو آهي، هو عدالت جي اهڙي فيصلي کي نٿا مڃين، درخواستگذارن ڪاوڙ ۾ اچي عدالتي فيصلي جون ڪاپيز ۽ درخواست ڦاڙي ڇڏي، عدالت عورت سميرا کي مڙس کي قتل ڪرڻ وارن الزامن ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.