تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ جي نااهليءَ لاءِ درخواست تي ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا: جواب طلب

حليم عادل شيخ ڌيئرن جي خرچ جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪيا: درخواستگذار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي نااهليءَ لاءِ درخواست تي ڌُرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ جي نااهليءَ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستن تي ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار عبدالرحيم موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ پنهنجي آمدني جا ذريعا لڪايا ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪيا آهن، گوشوارن ۾ ڌيئرن عائشه حليم ۽ مريم حليم جي خرچن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ جي ٻنهي ڌيئرن جو خرچ امريڪي بئنڪ مان ادا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته درخواستگذار نيو جرسي جي بئنڪ اڪائونٽ جو نمبر ۽ تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. درخواستگذار طرفان حليم عادل شيخ کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.