تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ميرپور خاص جي نظربند سماجي اڳواڻ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص جي نظربند ڪيل سماجي اڳواڻ واجد لغاري کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واجد لغاري کي نظربند ڪرڻ خلاف سندس پُٽ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي. عدالت درخواست تي ٻڌڻي بعد ايم پي او تحت نظربند ڪيل سماجي اڳواڻ واجد لغاري کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته ميرپور خاص جي سماجي اڳواڻ بيبي مري ۽ پوليس موبائيل جي مبينا حادثي ۾ ٻن قيدين جي فوت ٿيڻ وارن واقعن تي ٿيل مظاهرين جي اڳواڻي ڪئي هئي. اختيارين مٿس ڏڦيڙ پکيڙڻ جو الزام لڳائيندي کيس نظربند ڪري ڇڏيو هو. 28 سيپٽمبر تي ٻيهر هڪ آرڊر جاري ڪندي واجد لغاري کي ايم پي او تحت وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.