تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

سنڌ نظرانداز: اڌ کان وڌيڪ پنجاب مان سفير مقرر هجڻ جو اعتراف

سي اين جي يونين پاران گيس بحران خلاف سڀاڻي ڌرڻي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي نواب يوسف ٽالپر جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي پرڏيهي وزير طرفان موجوده حڪومت پاران مختلف 44 ملڪن ۾ مقرر ڪيل سفيرن، هاءِ ڪمشنرن جا تفصيل پيش ڪيا ويا. قومي اسيمبلي کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته موجوده حڪومت دنيا جي 44 ملڪن ۾ سفير ۽ هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيا آهن. جن مان ٻهراڙي سنڌ مان رڳو 6 سفير ۽ هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ رورل سنڌ سان تعلق رکندڙن ۾ يونان اندر مقرر سفير محمد نديم خان، بنگلاديش ۾ مقرر ٿيل عمران احمد صديقي، سينيگال ۾ مقرر ڊاڪٽر علي احمد آرائين، ملائيشيا ۾ مقرر آمنه بلوچ، عمان ۾ مقرر ڪي ڪي احسن وڳڻ، يو اي اي ۾ منير اڪرم شامل آهن، جڏهن ته شهري سنڌ سان تعلق رکندڙ مقرر ٽن سفيرن ۾ ڪيوبا ۾ صاحبزاده اي خان، ڪويت ۾ سيد سجاد حيدر،برنانيا ۾ محمد نفيس ذڪريا شامل آهن، اهو به ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان مان رڳو هڪ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، ڪي پي ڪي مان 7، جڏهن ته 23 پنجاب ۽ هڪ اسلام آباد مان مقرر ڪيو ويو آهي، ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت ۾ وائيس ايڊمرل (ر) وسيم اڪرم کي مالي، ايئرمارشل (ر) راشد ڪمال کي دمشق، ميجر جنرل (ر) ساجد اقبال تريپولي، ميجر جنرل (ر) وقار احمد کي ابوجا، ميجر جنرل (ر) زاهد مبشر کي ڪيف، ميجر جنرل (ر) محمد خالي کي سراجيو، ميجر جنرل (ر) عبدالعزيز طارق کي برونائي ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
سي اين جي يونين پاران گيس بحران خلاف سڀاڻي ڌرڻي جو اعلان
سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن گئس جي بحران خلاف سڀاڻي 15 جنوري اربع ڏينهن ڪراچي ۾ سوئي سدرن گئس جي هيڊ آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، ڌرڻي ۾ ڪراچي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن، سنڌ وين ايسوسيئيشن، سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن، آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن ۽ آل پاڪستان سي اين جي فورم جا عهديدار ۽ ڪارڪن پڻ شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن جو هڪ اجلاس حيدرآباد ۾ ايسوسيئيشن جي پيٽرن ان چيف ڊاڪٽر ذوالفقار عرساڻي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ممتاز علي جتوئي، ڊاڪٽر پرشتم، وينز يونين جي صدر منظور بروهي، سمير نجم الحسن، شبير سليمان جي، خرم يحيٰ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ اندر گئس جي بحران تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته سي اين جي بحران جي ڪري نه رڳو صنعتي ۽ گهريلو صارفين متاثر ٿي رهيا آهن پر سي اين جي پمپ پڻ گئس جي بندش سبب سخت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سي اين جي سان لاڳاپيل سموريون ايسوسيئيشنز ۽ ٽرانسپورٽرز پنهنجي ڪارڪنن، عملي ۽ عهديدارن سميت 15 جنوري 2020ع تي سوئي سدرن گئس ڪمپني ڪراچي جي هيڊ آفيس آڏو اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو هڻندا ۽ سي اين جي جي بحران جي خاتمي جو مطالبو ڪندا.

Bookmark the permalink.