تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ ميمبر آگسٽ تائين مدو پورو ڪندو: وفاقي ڪابينا جو غير قانوني فيصلو قبول ناهي: سهيل سيال

پي ٽي آءِ سرڪار هڪ طرفا تعصبي فيصلا مڙهڻ کان پاسو ڪري:مرتضيٰ وهاب/سهيل سيال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار وفاقي ڪابينا پاران ارسا جي 3 ميمبرن کي هٽائڻ واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته ارسا ايڪٽ تحت ارسا ۾ صوبي جو نمائندو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ اهو اختيار وفاق يا وفاقي ڪابينا نه پر صوبن وٽ آهي، سنڌ جي ارسا جي نمائندي جو مدو آگسٽ تائين آهي، وفاقي ڪابينا جو فيصلو غير قانوني آهي، سنڌ ان فيصلي کي نه ٿي مڃي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اختيار ۾ ئي ناهي ته هو ارسا ميمبرن کي هٽائي، ارسا ايڪٽ جي سيشن 6 ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڪنهن به ارسا ميمبر کي هٽائڻ لاءِ نه رڳو ان صوبي سان مشاورت ڪرڻي آهي پر ارسا ميمبر کي لازمي طور ٻڌڻو به آهي، وفاقي ڪابينا نه سنڌ سرڪار سان ڪا مشاورت ڪئي آهي ۽ نه وري ارسا ميمبرن جو موقف ٻڌو آهي، سنڌ سرڪار وفاقي ڪابينا جي ان فيصلي کي غير آئيني ۽ غير اخلاقي سمجهي ٿي، اسان انهي اهم مامري تي قانوني ڪارروائي جو حق رکون ٿا، هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار هڪ طرفا فيصلا مڙهڻ کان پاسو ڪري، ٻين تي تعصب جو الزام هڻندڙن جا فيصلا تعصب تي ٻڌل آهن، سنڌ جو عوام اهڙن فيصلن کي رد ڪري ٿو، هڪ طرف پاڻي جي وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ تي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير خاموش آهن، هن وفاقي ڪابينا کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ تي سياسي حملو ڪرڻ جا خواهشمند وفاقي وزير ننڍن صوبن سان زيادتين تي خاموش ڇو آهن؟ جڏهن ته سنڌ جي عوام حقن تي لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ ۾ اپوزيشن جماعتن کي به الائي ڪهڙو نانگ سراپي ويو آهي،

Bookmark the permalink.