تازا ترين
  • * حڪمرانن غريبن ۽ مسڪينن کي ملندڙ راشن ۽ ٻين سهولتن ۾ به ڪرپش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي:محمد حسين محنتي * هن ڏکئي وقت ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي: جماعت اسلامي اڳواڻ *
  • *ڪراچي: 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 45نوان ڪيس آيا: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ۽ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا: ترجمان * ڪراچي ۾ هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان *
  • *جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ملڪ ۾ هڪ مهيني لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي * جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال اڄ کان 6 مئي تائين رهندي: شنزو ايبي *ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ سبب ڪيو ويو: جاپاني وزيراعظم *جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٽوڪيو سميت ڪورونا وائرس متاثر رياستن ۾ لاڳو رهندي: جاپاني وزيراعظم * رياستن ۾ بنيادي معاشي سرگرميون جاري رهنديون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپر مارڪيٽ به کليل رهندا: پڌرنامو*
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا: عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين:وڏو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ سرحدن تي قرنطينه سينٽر ٺاهڻ ۽ مڪمل فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * تافتان، چمن ۽ طورخم وارن هنڌن تي قرنطينا سينٽر ٺاهيا وڃن، هي اهي داخلي رستان آهن، جتان وائرس داخل ٿيو آهي: چيف جسٽس *جيڪڏهن عدالتي حڪومت تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي: اسپتالن جي بندش واري ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس *
  • *پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس: خانگي ٽي وي چئنل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت واري درخواست رد*
  • *پاڪستانين جي جلد واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا: پرڏيهي وزير * اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هن خطرناڪ وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي: شاهه محمود قريشي * هي وقت سڄي قوم لاءِ سخت امتحان آهي، انشاءَ الله اسان ايمان جي جذبي سان وبا کي شڪست ڏينداسين *
  • * کپرو لڳ ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو *. کاهي ڳوٺ رتو جوکيو ۾ غريب پورهيتن منگل ۽ پونيون ڪولهي جي گهرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي * باهه سبب ڏهه مڻ ڪڻڪ، پنج مڻ سرنهن، چانديءَ جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو*
  • *سپريم ڪورٽ پاران انڊر ٽرائل قيدين جي ضمانت تي آزادي وارا هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5رڪني بينچ قيدين جي آزادي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو *
  • *ڪابل: طالبان قيدين جي آزادي ۾ دير تي افغان اختيارين سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون *ڪابل: طالبان پنهنجي قيدين جي سڃاڻپ ۽ تصديق لاءِ هڪ ٽيم ڪابل موڪلي هئي: افغان طالبان جو ترجمان *
  • *ڪراچي: اڄ هلندڙ سال ۾ چوٿون ڀيرو سپر مون ڏٺو ويندو: موسميات کاتو *معمول کان وڏو ۽ روشن چنڊ رات 7 لڳي 35 منٽ کان ڏٺو ويندو: موسميات کاتي جو ڊائريڪٽر * چنڊ زمين کان 3 لک 54 هزار 42ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندو: موسميات کاتو *
  • * برطانوي وزيراعظم بورِس جانسن ڪورونا وائرس جون علامتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ تي آءِ سي يو وارڊ منتقل * بورس جانسن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ تي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو: برطانوي خابرو ادارو *رات کان آءِ سي يو وارڊ ۾ هئڻ باوجود برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: خابرو ادارو * وقتي طور تي ڊومنڪ راب کي وزيراعظم جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون آهن: ڊائوننگ اسٽريٽ *
  • *پي ايم ڊي سي بحالي ڪيس: عدالت صحت واري وزارت، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي پي ايم ڊي سي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو*
  • *ڪورونا معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت درخواست اڪلائي ڇڏي *عدالت حمزه شهباز شريف پاران درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي *لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي *

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ڪورونا متاثرن جو انگ 1118 ٿي ويو

ڪراچي ۾ مقامي سطح تي نوان ڪيسز ظاهر، قاتل وائرس هيل تائين 8 حيايتون ڳڙڪائي چُڪو

ڪراچي/اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مريضن جو انگ وڌي 1118 ٿي ويو آهي، قاتل وائرس هيستائين 8 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪايون ۽ 21 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ وڌيڪ 6، حيدرآباد ۽ دادو ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 4 سئو 21 تائين پهچي ويو آهي. صحت کاتي جي انگن اکرن موجب ڪاچي ۾ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپو ڪراچي ۾ انگ 153 ۽ سکر ۾ 256 ٿي ويو، حيدرآباد ۽ دادو جو هڪ هڪ مريض علاج هيٺ آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو، جڏهن ته متاثرن مان 14 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جن مان 13 جو واسطو ڪراچي ۽ هڪ جو حيدرآباد سان آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ 335 ۽ اسلام آباد ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ انگ 25 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ 131،خيبر پختونخوا ۾ 121، گلگت بلتستان ۾84، ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ مريض آهي. ترجمان موجب، ڪورونا وائرس جا 8 مريض فوت ۽ 21 مريض صحتياب ٿي گهر پهچي چڪا آهن.

Bookmark the permalink.