تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ سوڌو پوري ملڪ ۾ تعليمي ادارا کُلي ويا، اڪثر اسڪولن ڪاليجز ۾ حاضري نه هئڻ برابر

نائين، ڏهين ڪلاس توڙي يونيورسٽيز به کلي ويون، استادن ۽ شاگردن جي حاضري گهٽ

تعليمي ادارن ۾ ايندڙ شاگردن توڙي استادن کي ماسڪ پائڻ جو پابند بڻايو ويو

ڪراچي/ اسلام آباد (نمائندن وٽان/بيورو رپورٽ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان تعليمي ادارا کُلي ويا، پهرين مرحلي ۾ اڄ نائين، ڏهين جا ڪلاسز شروع ٿي ويا، ڪاليجز توڙي يونيورسٽيز به کلڻ شروع، 21 سيپٽمبر کان ڇَهَين کان اٺَين جون ڪلاسز شروع ٿي ويندا، نرسري کان پنجين جماعت جون ڪلاسز 28 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جن اسڪولز ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيو ته اهُي ٻيهر بند ڪرايا ويندا، ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون سبب بند ٿيل تعليمي ادارا ساڍن 6 مهينن کانپوءِ کلي ويا آهن، صبح کان اسڪولن، ڪاليجز توڙي يونيورسٽي ۾ استادن، شاگردن، شاگردياڻين توڙي ماسترياڻين جي حاضري گهٽ رهي، اسڪول ايندڙ استادن، شاگردن کي ماسڪ پائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي تعليمي ادارن ۾ داخلا کان اڳ اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.