تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ سرڪار پاران ڪرپشن جي الزام۾ مهيني لاءِ هٽايل سنڌ يونيورسٽي جي وي سي جِي جاءِ تي نئين وسي جِي مقرري لاءِ تياريون تيز

يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي مستقل وي سي لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهري ورتيون

فتح محمد برفت کي هفتو اڳ ڪرپشن الزامن تان مهيني لاءِ هٽائي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي

ڄامشورو ( رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪرپشن جَي الزام سبب مهيني لاءِ هٽايل سنڌ يونيورسٽي جَي وي سي فتح محمد برفت جِي جاءِ تي نئين وسي جِي مقرري لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي مستقل وي سي لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهري ورتيون، فتح محمد برفت کي گذريل سومر تي ڪرپشن الزامن تان هڪ مهيني لاءِ هٽائي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، هن وقت پروفيسر محمد صديق ڪلهوڙو وقتي وي سي جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.