تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ سرڪار ڪراچي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ قائم ڪميٽي جي ٽي او آرز به جاري ڪري ڇڏيا

پي سي آءِ سي وڏي وزير جي سربراهيءَ ۾ ترقياتي منصوبن تي عمل لاءِ رٿابندي ڪندي

منصوبن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ سوڌو لاڳاپيل ڌُرين لاءِ مرڪزي فورم جو ڪردار ادا ڪندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي سي آءِ سي وڏي وزير جي سربراهيءَ ۾ ترقياتي منصوبن تي عمل لاءِ رٿابندي ڪندي، منصوبن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ سوڌو سمورين لاڳاپيل ڌُرين لاءِ مرڪزي فورم جو ڪردار ادا ڪندي، سنڌ سرڪار ڪراچي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ قائم ڪميٽي جي ٽي او آرز به جاري ڪري ڇڏيا، ٽي او آرز ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي سمورن منصوبن جو رڪارڊ سنڀالڻ سان گڏ ڪم جي معيار جو به جائزو وٺندي، ضرورت پوڻ تي منصوبن تي ڪم ۾ اثرائتي اڳڀرائي لاءِ ادارن ۾ تبديلي جي به سفارش ڪري سگهي ٿي، ڪميٽي 15 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائي ترقياتي رٿائن تي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو به وٺندي.

Bookmark the permalink.