تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ ماڪڙ 15 رپيا ڪلو خريد ڪرڻ جو اعلان

مٺي( رپورٽ: ممتاز نهڙيو ) سنڌ سرڪار ٿر ۾ ماڪڙ جي خاتمي ۾ ناڪامي بعد ڳوٺاڻن هٿان ماڪڙ پڪڙائي رپيا في ڪلو خريدڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ضلعي اندر ماڪڙ خريدڻ لاءِ 12 سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ درٻار ھال مٺي ۾ ماڪڙ جي خاتمي بابت گڏجاڻي ٿي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ ڊاڪٽر عطا الله خان چيو ته ماڪڙ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جديد ۽ هيوي اسپري مشينن ذريعي اسپري سان گڏ ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ کاتي پاران ماڪڙ جي خريداري پڻ شروع ڪئي وئي آھي، جيڪي به ماڻھو زندھ يا مردھ ماڪڙ آڻيندا انهن کي 15 رپيا في ڪلو جي حساب سان رقم فراھم ڪئي ويندي، انھي مقصد لاءِ ٿر ۾ 12 خريداري سينٽر قائم ڪيا ويا آھن جن مان 10 سينٽر ٿرپارڪر ضلع جي تعلقي ڇاڇرو، مٺي، نگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي ۾ ٻه ٻه سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. انهي کان علاوه 2 سينٽر عمرڪوٽ ضلعي ۾ قائم ڪيا ويا آهي انھي مقصد لاءِ 10 سماجي تنظيمون پڻ ھائير ڪيون ويون آھن.

Bookmark the permalink.