تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ سرڪار پاران وفاقي سرڪار ۽ ٻين صوبن جي طرز تي ايڪس پي ايس ايس ۽ پي ايس ايس جي ڪامورن کي ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت ڪامورن کي ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ لاءِ اڱاري تي اجلاس به طلب ڪري ورتو

ٻين صوبن ۾ ڄاڻايل عهدن تي ڪامورن کي مالي سهولتن سان گڏ 2لک رپين تائين الائونس ڏنو ويندو آهي
سنڌ حڪومت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران وفاقي سرڪار ۽ ٻين صوبن جي طرز تي ايڪس پي ايس ايس ۽ پي ايس ايس جي ڪامورن کي ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو نئين قائم ڪيل پي ايم ايس گروپ جي ڪامورن کي نظرانداز ڪيو ويو. سنڌ حڪومت ڪامورن کي ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ لاءِ اڱاري تي اجلاس به طلب ڪري ورتو. ايجنڊا مان پي ايم ايس ڪيڊر جي ڪامورن کي شامل نه ڪيو ويو. وفاق، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پي اي ايس، ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس ڪيڊرز کي ٻين مالي سهولتن سان گڏ 75 هزار رپين کان 2لک رپين تائين ايگزيڪيوٽو الائونس ڏنو ويندو آهي. پي ايم ايس گروپ جا تازو ڀرتي ٿيل ڪامورا ايگزيڪٽو الائونس ۾ شامل نه ٿيڻ سبب پريشان ٿي ويا. سنڌ حڪومت کان برابري جي بنياد تي سهوليتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.