تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ سرڪار پاران بزرگن کي علاج لاءِ آزادي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار سينيئر سٽيزن ( بزرگن )کي علاج لاءِ آزادي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، خانگي اسپتالن ۾ سينيئر سٽيزنز ( بزرگن )کي علاج ۾ 25 سيڪڙو رعايت نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران سوشل ويلفيئر کاتي جواب جمع ڪرائي عدالت کي ٻڌايو ته سينيئر سٽيزنس لاءِ آزادي ڪارڊ ٺاهي رهيا آهيون، اهو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسان نادرا سميت ٻين اختيارين سان اجلاس به ڪيا آهن، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل بيرسٽر يحييٰ اقبال دليل ڏيندي چيو ته سينيئر سٽيزنس کي سڃاڻپ ڪارڊ تي به علاج ۾ رعايت ڏئي سگهجي ٿي، سڃاڻپ ڪارڊ ۾ هر شهري جي عمر لکيل هوندي آهي، قانون موجب خانگي اسپتالون سينيئر سٽيزنس کي علاج ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جون پابند آهن، جنهن تي خانگي اسپتالن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آزادي ڪارڊ بنا ڪنهن بزرگ کي رعايت ڏئي نٿا سگهون، جنهن بزرگ وٽ آزادي ڪارڊ هوندو، ان کي قانون موجب رعايت ڏني ويندي، جنهن بعد عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Bookmark the permalink.