تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

سنڌ سرڪار پاران اين سي او سي کي صوبي ۾ آن لائين مال پڙيون لڳائڻ جي تجويز، حتمي فيصلو اربع تي ٿيندو

ڪراچي ) اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران اين سي او سي کي صوبي ۾ آن لائين مال پڙيون لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي. مال پِڙيون لڳائڻ جي سنڌ حڪومت پاران اجازت ڏني ويندي يا نه ؟ فيصلو ٻن ڏينهن بعد ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت پاران ڪورونا جي وبا سبب آن لائين مال پِڙيون لڳائڻ تي به غور ڪيو ويو. وفاقي حڪومت کي تجويز ڏني وئي آهي ته مال پڙيون نه لڳايون وڃن. سنڌ حڪومت پاران عيدالعضحيٰ جي سلسلي ۾ مال پِڙين بابت 2 رُڪني ڪاميٽي مذهبي اڳواڻن سان ملاقات ڪندي. اربع تي اين سي او سي کي فيصلي بابت آگاهي ڏني ويندي. سنڌ حڪومت پاران سرڪاري سطح تي مال پِڙين بابت ڪو حتمي فيصلو نه ٿيڻ باوجود شهر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مال پِڙيون لڳي ويون.

Bookmark the permalink.