تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

سنڌ سرڪار جو ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهين کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صوبائي حڪومت جي ترجمان مرتصيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر جو ڪم ڳالهيون ڪرڻ نه آهي، گورنر کي ڳالهين جي هدايت ڪرڻ به غيرآئيني عمل آهي، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس وٺڻ بعد سنڌ سرڪار وفاق سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي، حڪومت ۽ صوبي جي عوام جي احتجاج باوجود غيرآئيني آرڊيننس اڃا تائين واپس نه ورتو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته موجوده حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو آئين تي راتاهو هڻڻ ۾ رُڌل آهي، ڪراچي ۾ سڀاڻي رٿيل جلسي جي ايجنڊا موجوده حڪمرانن مان جان ڇڏائڻ ۽ جمهوريت جي بقا آهي.

Bookmark the permalink.