تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

سنڌ سرڪار طرفان لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ پورهيتن جي سهائتا لاءِ 58 ڪروڙ رپيا جاري، هر ضلعي کي 2 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا

جاري ڪيل رقم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي راشن ڏيڻ لاءِ آهي: مراد علي شاهه

هر ضلعي ۾ 2ڪروڙ رپيا جاري ڪري متاثر ٿيندڙ پورهيتن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ پورهيتن جي امداد لاءِ 580 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جاري ڪيل رقم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي راشن ڏيڻ لاءِ آهي. سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب صوبي ۾ لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيندڙ پورهيتن جي لاءِ 580 ملين رپين جي امدادي رقم جاري ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هر ضلعي ۾ 20 ملين رپيا جاري ڪري پورهيتن جي مدد ڪئي ويندي.وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي هدايت تي ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي فنڊ امداد جي لاءِ منتقل ڪري ڇڏيا آهن

Bookmark the permalink.