تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سنڌ سرڪار طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي وڌيڪ 22 سئو ڊاڪٽرن جي ڀرتي ۽ تازو ڀرتي ٿيل کي پگھارون جاري ڪرڻ جو فيصلو

صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ صحت کاتي جو اجلاس

اسپتالن جي آئي سي يو ۽ ايڇ ڊي يو جي تعداد کي وڌايو پيو وڃي: صحت واري وزير عذرا پيچوهو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي سربراهي ۾ صحت کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت، ناڻي کاتي جا سيڪريٽري ۽ ڊائو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ تازو ڀرتي ٿيل ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي پگھارون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صحت واي وزير عذرا پيچوهو طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي وڌيڪ 22 سئو ڊاڪٽرن جي ڀرتي جو پڻ فيصلو ڪندي چيف سيڪريٽري کي صحت واري سيڪريٽري ڏانهن سمري اماڻڻ جي ھدايت ڪئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه چيو ته ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ سيٽون وڌائڻ لاءِ ھاير ايجوڪيشن ڪميشن کي خط لکيو وڃي. چيف سيڪريٽري ميڊيڪل يونيورسٽين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته صوبائي بجٽ ۾ صحت واري شعبي کي ترجيح ڏني آھي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي وينٽيليٽر مينيجمينٽ جي ٽريننگ ڏني ويندي. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته اسپتالن جي آئي سي يو ۽ ايڇ ڊي يو جي تعداد کي وڌايو پيو وڃي، هن چيو ته سول اسپتال، سروسز، لياري، گلستان جوهر ۽ نيپا اسپتال ۾ 147 آئي سي يو ۽ 834 ايڇ ڊي يوز کي وڌايو پيو وڃي. عذرا پيچوهو چيو ته ھن وقت 400 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ٽيلي ميڊيسن زريعي سروس ڏئي رھيا آھن، وڌيڪ 250 ڊاڪٽرن جي سھولت حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهه ڪيو ويو آھي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ڪرونا وائرس جي حوالي سان ھن وقت 1382 ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي ٻڌل 452 ريپڊ ريسپانس ٽيمون ڪم ڪري رھيون آھن.

Bookmark the permalink.