تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سنڌ سرڪار صوبائي وزير امتياز شيخ مٿان ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ ۾ لڳايل سنگين الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

ڊاڪٽر رضوان ڏوهارين خلاف رڪارڊ موجود هجڻ باوجود ڪارروائي نه ڪئي

آءِ جي سنڌ طرفان جُڙيل جاچ ڪميٽي کي امتياز شيخ خلاف ثبوت نه مليا آهن:رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبائي وزير امتياز شيخ مٿان ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ ۾ لڳايل سنگين الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، اي جي سنڌ جاچ رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ طرفان جُڙيل جاچ ڪميٽي کي امتياز شيخ خلاف ثبوت نه مليا آهن، اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان ڏوهارين خلاف رڪارڊ موجود هجڻ باوجود ڪارروائي نه ڪئي، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته ٻڌايو وڃي ته صوبائي وزير خلاف جاچ رپورٽ درخواستن کي ڪيئن هٿ آئي؟ عدالت درخواستگذار کي حڪومتي رپورٽ تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي امتياز شيخ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.