تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ سرڪار سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارَي وفاقي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو: ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ سوڌو ٻيا ٻيٽ سنڌ جِي ملڪيت آهن:اسماعيل راهو

وفاق کي ٻيٽن تي شهر اڏڻ نه ڏبو:سنڌ سرڪار سامونڊي حدن ۾ ملڪيتن جو تحفظ ڪندي:راهو

ماڪڙ ۽ ڪورونا جي حالتن جيان برسات جي تباهڪارين ۾ به وفاق سنڌ ۾ متاثرن جي سار نه لڌي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زراعت واري وزير اسماعيل راهو سنڌ جَي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارَي وفاقي منصوبي کي رد ڪندي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ سوڌو ٻيا ٻيٽ سنڌ جِي ملڪيت آهن. وفاق کي ٻيٽن تي شهر اڏڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ سرڪار پنهنجِي سامونڊي حدن ۾ ملڪيتن جو تحفظ ڪندي. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ سان وفاقي سرڪار جِي زيادتين جو سلسلو جاري آهي، ماڪڙ ۽ ڪورونا جِي وبائي حالتن جيان برسات جِي تباهڪارين ۾ به وفاق سنڌ ۾ متاثرن جِي سار نه لڌِي، تازين برسات جَي نتيجي ۾ عمرڪوٽ ۾ 100، ميرپور خاص ۽ بدين ضلعي ۾ 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا. صوبائي وزير چيو ته صوبي ۾ مجموعي طور 15 لک 20 هزار ايڪڙ تي پوکيل وونئڻ جو فصل تباهه ٿي ويو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران برسات صوبي جِي زراعت کي ڪاپارِي ڌڪ هنيو آهي، برسات متاثر ۽ آبادگار وزيراعظم جَي امدادي پيڪيج جَي اوسيئڙي ۾ آهن.

Bookmark the permalink.